ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گٽر نالي مان هٿ آيل عورت جي منڍي جي سڃاڻپ ٿي وئي، قبرستان مان ٻيا انساني عضوا به هٿ، علائقي ۾ خوف، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي قصبه ڪالوني جي پراچا قبرستان ڀرسان گٽر نالي مان 2 ڏينهن اڳ اڻڄاتل عورت جي منڍي هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.  پوليس موجب عورت جي سڃاڻپ خاموش ڪالوني واسڻ ڪلثوم طور ٿي آهي، پوليس موجب عورت جي وارثن مرده خاني پهچي مقتوله جي سڃاڻپ ڪئي، شروعاتي اطلاعن موجب ڪلثوم ٻه شاديون ڪيون هيون. هن تازو ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي. عورت کي ڪنهن قتل ڪيو، قتل جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ انهي جو پتو  پئجي ناهي سگهيو، هوڏانهن قصبه ڪالوني جي پراچا قبرستان ڀرسان ڪچري مان مختلف انساني عضوا هٿ آيا، جنهن بعد هراس پکڙجي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪيون. بعد ۾ پوليس انساني عضون کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب گندگي جي ڍير مان مليل انساني عضون ۾ ٽنگون، هٿ ۽ آنڊا شامل آهن. اهي انساني عضوا مرد جا آهن يا عورت جا؟ اڃا تائين واضح  ٿي ناهي سگهيو. پوليس موجب انساني عضوا ڪجهه ڏينهن پراڻا آهن،  انهن انساني عضون تي رت ڄميل آهي. پوليس موجب مليل انساني عضون تي هڪ نالو به لکيل آهي پر اهو نالو پڙهڻ ۾ نٿو اچي.  پوليس کي واقعي ۾ انتهائي جنوني جوابدار جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي.