ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نافرمان پٽ ٻڍڙي ماءَ ۽ زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. منگھوپير واري علائقي ۾ اجتماع گاهه وٽ جوابدار دلاور پنهنجي ماءَ 55 ورهين جي بخت بيبي ۽ زال 35 ورهين جي گل بشريٰ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ٻٽي قتل بعد فرار ٿي ويو. پوليس موجب دلاور جو ذهني توازن درست نه هو، جيڪو اڳ ۾ به هڪ قتل ڪيس ۾ حيدرآباد جيل مان سزا ڪاٽي آزاد ٿيو هو. واقعي واري هنڌ تان گولين جا 2 خول به مليا آهن، ابتدائي جاچ موجب گھريلو تڪرار تان جوابدار ٻٽو قتل ڪيو،