ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پاپوش نگر واري علائقي مان ڪوئيٽا واسي شهباز اچڪزئي جي هٿ آيل ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش واري ڪيس ۾ اڳڀرائپ ٿي آهي، پوليس موجب شهباز ڪراچي جي فرنٽيئر ڪالوني ۾ رهندو هو، سندس زال کيس قتل ڪري لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلائي ڇڏيو، پوليس مقتول جي گهر جو معائنو ڪيو، گهر کي ڌوئي ثابتيون مٽايون ويون، مقتول جي گهرواري مفرور آهي، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن