ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مٿان مڇرن جي يلغار: موسم تبديل ٿيڻ سبب ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جا ڪيس وڌڻ لڳا، اسپتالن ۾ روزانو وائرل انفيڪشن جا 250 ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي شهر جي موسم تبديل ٿيڻ سان گڏ شهري مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، شهر جي اسپتالن ۾ شهرين جي وڏي تعداد کي داخل ڪيو وڃي ٿو. روزانو مختلف وائرل انفيڪشن جا 250 ۽ چڪن گونيا جي علامت وارا 50 کان وڌيڪ ڪيس اسپتالن ۾ رپورٽ ٿي رهيا آهن، ان حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڊينگي جا هڪ هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ شهري ڊينگي وگھي فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مليريا جا ڏيڍ هزار ۽ چڪن گونيا جا 150 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. صحت کاتي موجب ته صحت کاتي جون ٽيمون مڇر مار اسپري ۾لڳل آهن، هوڏانهن صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وائرل انفيڪشن جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال ضروري آهي.