ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان هٿ آيل موٽرسائيڪل بم واري واقعي ۾ ايس آر اي جا 2 ڪارڪن گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ايس آر اي جي سربراهه جي گرفتاري لاءِ پرڏيهي وزارت ذريعي افغانستان سان رابطي جو فيصلو، ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) عمر شاهد پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سومر واري ڏهاڙي طارق روڊ جي لبرٽي چوڪ تي هٿ آيل بم چائنيز هوٽل جي مالڪ کي گاڏي سميت اڏائڻ لاءِ رکيو ويو هو، ڊي آءِ جي موجب سومر جي شام جو آپريشن دوران ممتاز سومرو کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي بم هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ايس آر اي ڪراچي جي ڪمانڊر جاويد مڱريو کي به گرفتار ڪيو ويو. ڊي آءِ جي موجب جوابدارن موٽرسائيڪل ۾ مقناطيسي ڊوائيس ۽ ريموٽ ڪنٽرول بم رکيو هو، ڊي آءِ جي موجب جوابدارن ارشاد رانجھاڻي جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ سب انسپيڪٽر عامر رياض تي به قاتلاڻو حملو ڪيو هو، هنن اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙ بي ايل اي جي دهشتگردن کي هٿيار فراهم ڪيا هئا، جوابدار ڏوڪري ۾ امام الدين نالي شهري جي قتل ۾ ملوث آهن، جوابدارن لاڙڪاڻي ۾ هڪ مذهبي تنظيم جي ضلعي امير جي پٽ تي قاتلاڻو حملو پڻ ڪيو هو، هنن حليم عادل شيخ جي ٽرين مارچ تي به دستي بم اڇلايو هو پر دستي بم ٽرين ۾ نه لڳي سگھيو. ڊي آءِ جي موجب ايس آر اي ۽ بي ايل اي جي ليڊرشپ وچ ۾ افغانستان ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، کين انڊيا جي ايجنسين جي مدد حاصل آهي، اصغر شاهه جي گرفتاري لاءِ پرڏيهي وزارت کي خط لکي سفارش ڪئي ويندي ته جيئن افغانستان مان انٽرپول ذريعي کيس گرفتار ڪرائي سگھجي.