ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪارا صبا قمر ڪراچي ۾ رهڻ ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ صبا قمر چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ٻه ڏيهن يا هڪ هفتو رهڻ جو مذاق ٺيڪ آهي پر ٽن مهينن جو مذاق ٺيڪ ناهي.هن موسم ۽ گدلاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته منهنجا وار لهي ويا، جلد خراب ٿي وئي آهي، مان ڀنگياڻي لڳي رهي آهيان. اداڪارا منهنجي ڳالهه کي مذاحيا رنگ ڏيندي چيو ته جڏهن مان گهر واپس پهتيس ته گهر ڀاتين سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو ”ڀيڻ توهان ڪير آهيو؟ اداڪار جي ان بيان سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه واهپيدار صبا قمر جي موقف جي حمايت ته ڪجهه وري تنقيد ڪري رهيا آهن.