ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مذهبي عالم مولانا ضياءُ الرحمان جي قتل جو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ قرار، پرڏيهي دهشتگرد ملوث هجڻ خدشو، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ گلستان جوهر ۾ گذريل رات مولانا ضياءُ الرحمان کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، ڪالهه پوليس مولانا ضياءُ الرحمان جي سئوٽ جي فرياد تي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، فريادي موجب مولانا ضياءُ الرحمان کي نامعلوم جوبدارن ايف بي آر پارڪ وٽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، هوڏانهن پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي انهي واقعي ۾ پرڏيهي دهشتگردن جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، پوليس موجب موٽرسائيڪل تي سوار ٻه حملي آور هئا، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم ۽ 30 بور جي پستولن جا 11 خول مليا، هوڏانهن ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر موجب مولانا ضياءُ الرحمان جي قتل جي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، مولانا ضياءَ الرحمان رات جو گلستان جوهر ۾ واڪ ڪري رهيو هو ته فائرنگ ڪئي وئي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، انهي واقعي ۾ ڀارتي ايجسني را جي ملوث هجڻ جو خدشو آهي.ٻئي طرف مولانا ضياءُ الرحمان جو مڙهه ماڊل ڪالوني جي سرد خاني ۾ منتقل ڪيو ويو آھي. وارثن موجب سندس جنازي نماز اڄ صبح 9 وڳي ماڊل ڪالوني گول گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي. مقتول پونئرن ۾ 2 نياڻيون ۽ ھڪ بيواھ سوڳوار ڇڏيا آھن.