ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان اداڪار ساجد حسن جي منشيات ڪيس ۾ گرفتار پٽ ساحر حسن جا اهم انڪشاف، پوليس موجب ساحر حسن 12 وڏن واپارين ۽ سياستدانن جا نالا ورتا، پوليس موجب ساحر حسن منشيات لاءِ آن لائين رقم والد ساجد جي مئنيجر جي اڪائونٽ ۾ گهرائيندو هو، ساحر حسن ٻڌايو ته آئون 5 سالن کان ماڊلنگ ۽ 13 سالن کان ويڊ جو نشو ڪندو آهيان، ٻن سالن کان ويڊ وڪرو ڪندو هئس، منشيات جو سڄو ڪاروبار سنيپ چيٽ تي ڪندو هئس، آئون بازل ۽ يحيٰ کان منشيات خريد ڪري ڪراچي ۾ وڪرو ڪندو هئس. پوليس موجب گرفتار ساحر حسن انڪشاف ڪيو ته ڪروڙين رپين جي منشيات 2 ڪوريئر ڪمپنين ذريعي گهرائي هر هفتي 4 کان 5 لک ادائيگي ڪندو هئس، مهيني ۾ ٻه ڀيرا هڪ ڪلو کان وڌيڪ ويڊ گهرائيندو هئس، هڪ گرام ويڊ 10 هزارن ۾ وڪرو ڪندو هئس، ڊجيٽل ڪانٽي تي ويڊ جو وزن ڪندو هئس. پوليس موجب انهي ڌنڌي ۾ عالمي گينگ ملوث آهي، هوڏانهن جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ساحر حسن کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي جسماني يمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئ طرف هيومن رائٽس ڪونسل طرفان مصطفي عامر جي خون سان انصاف لاء ٽي تلوار وٽ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين مصطفي عامر جي ياد ۾ ڏيئا ٻاريا