ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ واقع شاپنگ مال ملينيم ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اُٿي، 150 دڪان متاثر ، ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. فائر برگيڊ اختيارين موجب رات دير سان ملينيم مال جي ڪنٽرول روم ۾ باهه ڀڙڪي اُٿي، جنهن عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊ جي 12 کان وڌيڪ گاڏين ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو. باهه سبب 150 دڪان متاثر ٿيا، فائر برگيڊ اختيارين موجب باهه لڳڻ سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو پر بلڊنگ ۾ پيل ڪروڙين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. معجزاڻي طور 60 قرآن شريف صحيح حالت ۾ مليا، اهي باهه کان محفوظ رهيا، باهه لڳڻ کانپوءِ شاپنگ مال جي ڀر ۾ رهندڙ شهري ٻاهر نڪري آيا هئا. شروعاتي جاچ موجب بلڊنگ ۾ لڳل فائر سسٽم ناڪاره هو، بلڊنگ ۾ دونهون ڀرجڻ ۽ پاڻيءَ جي لاڳيتي فراهمي نه ٿيڻ سبب باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.