ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ  پوليس پاران رچايل مقابلو  جڙتو نڪتو، سي سي ٽي وي فٽيجز سامهون اچي ويا، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽرسائيڪل سوار 2 اهلڪار ڪورنگي واسي منير بنگالي جو پيڇو ڪري رهيا آهن،  جوابدار پوليس کي ڏسي پستول اڇلائي هٿ مٿي ڪري روڊ تي ليٽي پوي ٿو، پوليس اهلڪار ٻانهون ٻڌي پيش پوندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بدران کيس ٿڏا هڻڻ سان گڏ پسٽل جا فائر ڪري ٿو، وڊيو ۾ اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس جي فائرنگ بعد شهرين جو هجوم گڏ ٿي وڃي ٿو، هوڏانهن پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته مارجي ويل  منير  بنگالي عادي ڏوهاري هو، مٿس گلبرگ، شاهراهه نورجهان ۽ گلستان جوهر ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن، منير جي 2 ساٿين مظفر چانڊيو ۽ نادر علي کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.هوڏانهن ايس ايچ او موجب پوليس اهلڪار جوابدار منير کي موٽر سائيڪل تان ڪرڻ بعد گوليون ناهن هنيون، جوابدار کي هلندڙ موٽر سائيڪل دوران  مقابلي ۾ گوليون لڳي چڪيون هنيون، جنهن سبب موٽر سائيڪل تان جوابدار ڪري پيو، جوابدار موٽر سائيڪل تان ڪري پيو ته اهلڪار زمين تي گوليون هنيون ۽ هوائي فائر ڪيا،اهلڪارن جان جوکي ۾ وجهي مقابلو ڪيو، شڪر آهي اهلڪارن کي الله بچايو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي مقابلي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي،  سٺي ڪم تي پوليس جي همٿ افزائي ڪرڻ کپي،