ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مذهبي عالم مفتي ضياءُ رحمان جي قاتلن جي گرفتاري ظاهر، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي اوڀر اظفر مهيسر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گلستان جوهر ۾ 12 سيپٽمبر تي مفتي ضياء الرحمان کي قتل ڪيو ويو هو، جاچ ٽيم ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪري مفتي جي قتل ۾ ملوث 4 جوابدارن گلشير، حق نواز، عمير ۽ ياسين کي گرفتار ڪيو آهي . هن چيو ته جوابدار عادي ڏوهاري آهن، جيڪي سوين وارداتن ۾ ملوث آهن، هڪ جوابدار ڪي پي  ۽ 3 پنجاب جا رهواسي آهن