ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گلن جهڙي ٻارڙيءَ  زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل، ڪهرام، ان ڏس ۾ گلبرگ جي قبائل ڪالوني مان 3 سالن جي ٻارڙي آمنه ڌيءَ عبدالباسط جو لاش هٿ آيو. پوليس موجب ٻارڙي جي ڳلي تي نشان هئا، لاش عباسي شهيد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽرن معصوم ٻارڙيءَ سان زيادتي جي تصديق ڪئي. جوابدارن ٻارڙيءَ کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو. پوليس موجب ٻارڙي صبح جو 7 وڳي مدرسي وئي هئي، واپس نه موٽڻ  تي وارثن ڳولا ڪئي، گهر کان ڪجهه مفاصلي تي گهٽي مان ٻارڙيءَ جو لاش مليو. پوليس موجب گهٽي ۾ سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳل ناهن، جنهن ڪري جوبدارن جي نشاندهي ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.  ٻئي طرف جوابدار کي پاڙيوارن سي سي ٽي وي فٽيجز بعد پڪڙي پوليس حوالي ڪيو جيڪو رڪشا ڊرائيور آهي.