ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پير آباد ۾ مبينه پوليس مقابلي ۾ ٻن جوابدارن جي مارجڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، انڪوائري آفيسر ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي رپورٽ رپورٽ تيار ڪري ورتي، رپورٽ ۾ سنسني خيز انڪشاف ٿيو آهي. 3 ڊسمبر تي پير آباد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا هئا، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي سائوٿ ساجد سدوزئي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو، جنهن جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار بلاول پنهنجي گرل فرينڊ جي چوڻ تي پنهنجي دوست نقاش کي وٺي واردات ڪرڻ ويو هو، سڄي واردات جي رٿابندي ڇوڪرين ڪئي هئي، واردات مبارڪ شاهه جي گهر ۾ ٿي هئي، مبارڪ شاهه جي پنهنجي ڀائٽي صابره ملوث نڪتي، صابرہ ٻين ڀينرن سان گڏجي واردات جي رٿابندي ڪئي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جڏهن مبارڪ شاهه گهرواري سان گڏجي گهر مان نڪتو ته صابرہ جوابدارن کي اطلاع ڏنو، صابرہ ۽ سندس ڀينرن پنهنجي دوستن کي برقعا ڏنا، ٻئي ڄڻا برقعا پائي مبارڪ شاهه جي گهر پهتا، گهر ٻاهران دڪاندار جوتا ڏسي گهر جي مالڪ مبارڪ شاهه کي اطلاع ڏنو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته مبينا مقابلي ۾ 19 گوليون فائر ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو پر گهر ۾ ايترا فائر ٿيڻ جو ڪو به ثبوت نه مليو، جاچ رپورٽ ۾ واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف به ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي