ڪراچي مان گم ٿيل ڪنب واسي جو لاش هٿ، واقعو حادثو قرار

0
30
ڪراچي مان گم ٿيل ڪنب واسي جو لاش هٿ، واقعو حادثو قرار
ڪراچي مان گم ٿيل ڪنب واسي جو لاش هٿ، واقعو حادثو قرار

ڪنب(ن پ ا) ڪنب جي ڳوٺ واحد بخش گوپانگ واسي نوجوان اسلم ولد اميد علي گوپانگ جيڪو چار ڏينھن اڳ ڪراچي مان گم ڄاڻايو ويو ھو، جيڪو پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش ڪراچي جي سرد خاني مان مليو آھي، نوجوان جي فوت ٿيڻ واري اطلاع ملڻ تي نوجوان جي وارثن ڪراچي ۾ سرد خاني پھچي لاش وصول ڪري ورتو جڏھـن ته وارثن موجب اسانجو نوجوان ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو ھئو جيڪو چار ڏينھن کان گم ھيو جنھن جو ڪراچي جي لاڳاپيل ٿاڻي تي اطلاع پڻ ڏنو ويو ھئو، چار ڏينھن بعد سندس لاش سرد خاني ۾ مليو آھي، نوجوان جي موٽر سائيڪل اڃا گم آھي، واقعو روڊ حادثو ٻڌايو ويو آھي ، جڏهن ته نوجوان جو مڙھه ڪراچي کان سندس ڳوٺ آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.