ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اي وي ايل سي پوليس گاڏيون ڦر ڪندڙ گروهه جي سربراهه پوليس اهلڪار ڪاشف رانا کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اي وي ايل سي پوليس جي ڪارروائي ڪري پوش علائقن مان گاڏيون ڦر ڪندڙ گروهه جي سربراهه پوليس اهلڪار ڪاشف رانا کي گرفتار ڪيو، ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته جوابدار اهلڪار جي قبضي مان ٽي وي اداڪارا جي ڦر ڪيل فارچونر، الٽو ڪار، سرڪاري هٿيار ۽ منشيات هٿ يا ويا آهن، ايس ايس پي بشير بروهي ٻڌايو ته جوابدار اهلڪار پوش علائقن مان 2 درجن کان وڌيڪ گاڏيون ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ايس ايس پي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته چوري ۽ ڦر ڪيل گاڏيون گروهه جي ٻين ساٿين ذريعي بلوچستان ۾ وڪرو ڪيون وينديون هيون، هن ٻڌايو ته جوابدار ڪاشف راڻا فارن سيڪيورٽي سيل ۾ مقرر ٿيل آهي