ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان کنڀيل 4 شهري ڄامشوري ۾ قيد هئڻ جو انڪشاف، عدالت چئني جوابدارن جون بازيابيءَ واريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته حسن علي مگسي جي گمشدگي جو ڪيس ڪلفٽن ۽ قربان، عاشق ۽ سعدالله جي گمشدگي جو ڪيس گلشن معمار ٿاڻن تي داخل ڪيو وڃي، ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته محمد صديق سميت 4 ڄڻا گم ٿيل نه پر جوابدار آهن، جيڪي نوري آباد پوليس کي گهربل هئا، جيڪي ڄامشوري ۾ قيد آھن،