ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته بهادرآباد مان گم ٿيل دڪاندار ادريس بازياب ٿي  گهر پهچي ويو آهي، جنهن تي ادريس جي  وڪيل چيو ته ادريس واپس گهر ناهي آيو، کيس 14 ڏينهن بعد کارادر ۾ ڇڏيو ويو, ادريس کي 14 نومبر تي گهر مان  اهلڪار پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا، عدالت گم ٿيل شهري جي واپسي جي  درخواست اڪلائي ڇڏي.