سڪرنڊ(ن پ ا) ڪراچي ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين کي حڪومت پاران واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه غير قانوني طور ترسيل وڌيڪ 136 افغانين کي سڪرنڊ ڪئمپ پهچايو ويو، هن وقت تائين پنجن ڏينهن ۾ ٽوٽل پڪڙجي آيل افغانين جو تعداد 1068 ٿي ويو، ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ واري اعلان کان پوءِ پوليس ۽ حساس ادارن پاران ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ گرفتار ڪيل 136 افغانين جي پنجين کيپ کي پوليس ۽ ٻين ادارن پاران سخت سيڪيورٽي هيٺ ڪراچي کان 3 بسن ذريعي سڪرنڊ آندو ويو، افغان شهرين ۾ 49مرد، 32 عورتون ۽ 55 ٻار شامل آهن، انتظاميا ڪجهه ڪلاڪ ڪئمپ تي ترسائڻ بعد افغان شهرين کي ڊي سي جيڪب آباد حوالي ڪري ڇڏيو.