ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين خلاف 9 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين ڪاررواين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. پوليس موجب هڪ مهيني دوران 782 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، ملير مان 135، ڪورنگي مان 114، اوڀر مان 204، اولهه مان 58، سينٽرل مان 90 ۽ ڪياماڙي مان 126، ڪراچي سٽي مان 35 ۽ ڏکڻ ضلعي مان 20 افغاني گرفتار ٿيا، پوليس موجب گرفتار ڪيل سمورا افغان شهري غيرقانوني طور ترسيل هئا، جن خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، حراست ۾ ورتل ڪجهه افغاني ڏوهن ۾ به ملوث هئا