ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جون ڪارروايون، 2 جوابدار گرفتار، ترجمان موجب ايف آءِ اي غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث مجتبيٰ حيدر کي شاهراهه پاڪستان وٽان گرفتار ڪري سندس قبضي مان 14 هزار آمريڪي ڊالر ۽ 2 موبائل فون هٿ ڪري ورتا، ٻئي طرف ايف آءِ اي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري جعلسازي ذريعي قطر وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار ريحان کي گرفتار ڪري ورتو