ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي وٽان ڪجهه ڏينهن اڳ مليل عورت جي لاش جي سڃاڻپ انعم مختار طور ٿي وئي، پوليس موجب نادرا رڪارڊ جي مدد سان ناري جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد وارثن کي ڄاڻ ڏني وئي، مقتوله انعم جي ڀاءُ زيف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀيڻ ڊفينس جي هڪ نجي ڪمپني ۾ 11 سالن کان ڪم ڪندي هئي،ڪمپني پاران کيس رهائش به ڏنل هئي، پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وئي وڃي