ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ميگا سٽي جي ماسٽر پلان جي تياري لاءِ جوڙيل ماسٽر پلان اٿارٽي ايڪٽ ۽ بورڊ آف گورنرز بنا هلائڻ جو انڪشاف، ڊي جي آڊٽ به سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽيaکي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه پي اي سي اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي ماسٽر پلان اٿارٽيءَ جي سال 2019ع ۽ 2020ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته 2019ع ۾ قائم ٿيل ماسٽر پلان اٿارٽي جو  5 سال گذرڻ باوجود ايڪٽ نه ٺهي سگهيو آهي ۽ نه ئي اٿارٽيءَ لاءِ بورڊ آف گورنرز جوڙيو ويو آهي، جنهن تي ڊي جي آڊٽ سنڌ اعتراض اٿاريندي چيو ته بنا  ايڪٽ ۽ بنا بورڊ آف گورنرز جي ماسٽر پلان اٿارٽي جو ادارو غيرقانوني آهي ۽ خودمختيار ادارو ناهي. مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه ٻڌايو ته جيستائين ماسٽر پلان اٿارٽي جو ايڪٽ بڻجي، تيسيتائين اِهو ادارو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي. پي اي سي چيئرمين ماسٽر پلان اٿارٽي جي ڊائريڪٽر کان پڇيو ته ماسٽر پلان اٿارٽيءَ جا ڪيترائي ملازم آهن، هن وقت  ادارو ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي؟ جنهن تي ماسٽر پلان اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ماسٽر پلان اٿارٽي ۾ گريڊ 19 کان هيٺين سطح جا 50 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن،  اٿارٽي ڪراچيءَ جي انفراسٽڪرچر کي نظر ۾ رکي ماسٽر پلان تحت آئوٽ لائين جاري ڪندي آھي، ڪاميٽيءَ جي ميمبر قاسم سومرو چيو ته بنا پلاننگ بلڊرن کي وڏين وڏين عمارتن لاءِ اين او سي جاري ڪيون پيون وڃن،سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي روڊن تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي، ٽينڪر مافيا انهن روڊن کي تباهه ڪري رهيو آهي. عمارتن جا نقشا ته منظور ٿي رهيا آهن پر بلڊر انفراسٽڪچر کي نظر ۾ نه ٿا رکن، جنهن ڪري روڊن تي به گٽر اٿلي رهيا آهن. هن مثال ڏيندي چيو ته بنا  پلاننگ جي نسلا ٽاور جي اين او سي جاري ڪئي وئي،  کيس اين او سي جاري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته ماسٽر پلان اٿارٽي نوٽيفاءِ ته ڪئي وئي آهي پر شهر جو ماسٽر پلان ڪٿي آهي؟ ڪراچي شهر ۾ آبادي وڌڻ سان گڏ وڏين عمارتن جي تعمير به وڌي رهي آهي، لاڳاپيل ادارا رڳو اين او سي جاري ڪري ٿا ڇڏين. مڪاني  کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه ٻڌايو ته 2007ع ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت هجڻ وقت ڪراچيءَ جو آخري ماسٽر پلان ٺاهيو ويو ھو، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو دايت ڪئي ته ماسٽر پلان اٿارٽي جو ايڪٽ ٺاهي، بورڊ آف گورنرز جوڙيو وڃي، جڏهن ته ڪراچيءَ جو ماسٽر پلان به ٺاهيو وڃي.