ڪراچي: لياري ۾ ڀاءُ ۽ ڀائٽين تشدد بعد گوليون هڻي پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

0
186
ڪراچي: لياري ۾ ڀاءُ ۽ ڀائٽين تشدد بعد گوليون هڻي پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو
ڪراچي: لياري ۾ ڀاءُ ۽ ڀائٽين تشدد بعد گوليون هڻي پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي لياري واري علائقي گلستان ڪالوني ۾ ڀاءُ ۽ ڀائٽين وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي ويو

 وڊيو ۾ پوليس اهلڪار  اسماعيل کي وڏو ڀاءُ ۽ ڀائٽيا پڪڙي تشدد جو نشانو بڻائيندي نظر اچن ٿا، تشدد بعد مقتول اسماعيل کي سندس ڀائيٽي ڪاشف گوليون هنيون

 مقتول کي گوليون هڻڻ بعد سندس مٿي تي ڏنڊن ۽ سرين جا وار به ڪيا ويا، جوابدارن فرار ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪار جي گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

هي به پڙهندا

حيدرآباد ۾ ٻن نوجوانن ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو