ڪراچي: ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته منشيات ملڪ جي ٻين حصن مان سنڌ ۾ پھچي رهي آهي. ڪراچي ۾ لياري ۽ سهراب ڳوٺ جون ڪچيون بستيون منشيات جا مک مرڪز بڻيل آهن، هن وقت منشيات تعليمي ادارن ۾ پڻ داخل ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ منشيات استعمال ڪندڙن جي بحالي لاءِ 4 فلاحي مرڪز قائم ٿيل آهن، جتي 360 موالين جي علاج هلي پيو، هن وقت تائين 2925 موالين جو علاج ڪيو ويو آهي.  وڏي وزير آءِ جي کي اي اين ايف سان گڏجي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي  جي هدايت ڪئي