ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي فيڊريل بي ايريا ويجهو لياري ندي مان 13 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ آيو، پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي، کيس رڳو شرٽ پاتل آهي، واقعي واري هنڌ وٽ واڙا ۽ ڪچي آبادي آهي، ٻارڙي جي جسم تي ظاهري طور تشدد جا نشان نظر نه پيا اچن پر گهڻا ڏينهن پاڻي ۾ هجڻ سبب لاش جي حالت خراب ٿي چڪي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو، لاش کي ضابطي جي ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.