اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا سڄي ملڪ لاءِ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جو اگهه گهٽائي ڇڏيو. ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي کانسواءِ باقي ملڪ لاءِ بجلي 2 رپيا 12 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي. نيپرا پاران ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جا الڳ الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کي مارچ جي بلن ۾ رليف ملندو، ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي ڊسمبر 2024 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ بجلي جنوري 2025 جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سستي ڪئي وئي آهي.