ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي ۾ قانون جي شاگردن ۽ پوليس ۾ جهيڙو، هوائي فائرنگ، لاٺي چارج، 4 شاگرد زخمي، پوليس شاگردن تي ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، اهلڪارن تي تشدد ڪرڻ، ورديون ڦاڙڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، ان ڏس ۾ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو موٽر سائيڪل تي گشت ڪندڙ اهلڪارن قانون جي شاگردن کي تلاشي لاءِ روڪيو، جنهن تان اهلڪارن ۽ شاگردن ۾ ڏند چڪ ٿي، اهلڪار شاگردن کي ٿاڻي تي وٺي آيا، جنهن دوران وڌيڪ شاگرد ٿاڻي تي پهتا، جتي ڏند چڪ بعد جهيڙو ٿي پيو، ان دوران پوليس هوائي فائرنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پوليس موجب شاگردن ٿاڻي اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي، اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ انهن جون ورديون ڦاڙي ڇڏيون، جنهن بعد لاٺي چارج ڪئي. شاگردن موجب پوليس پاران ڪيل فائرنگ ۾ اسان جا 5 ساٿي ڪامران انڙ، لطف الله ڪنڀر، مهراڻ ڪوريجو، نزاڪت ۽ عبيد سومرو زخمي ٿي پيا، عبيد سومرو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو. شاگردن موجب اسان جي ٽن ساٿين کي پوليس تلاشي بهاني گرفتار ڪري ٿاڻي آندو، انهن کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، اسان اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر لاءِ ٿاڻي تي درخواست ڏيڻ آياسين، پوليس اسان تي فائرنگ ڪئي، تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف پوليس سرڪاري فرياد تي 80 کان 90 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس جي متن موجب پوليس موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻن سرويچ، سلام ٻرڙو ۽ باسط کي شڪ جي بنياد تي روڪي ٿاڻي آندو، ٿاڻي ۾ شخصي ضمانت تي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ بابت لکپڙهه ڪري رهيا هئاسين ته ان دوران 80 کان 90 شاگرد آيا، جن اهلڪارن تي لتن مڪن سان تشدد ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. پوليس شاگردن جي درجن کان وڌيڪ موٽر سائيڪلن کي به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ڇڏيو.