ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي فليٽ مان فوٽ بال ڪوچ جو لاش هٿ. پوليس موجب ڊفينس فيز 5 جي توحيد ڪمرشل ايريا ۾ واقع فليٽ مان 3-4 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو، جنهن کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. وارثن پوليس کي ٻڌايو ته لاش فوٽ بال ڪوچ غني رحمان جو آهي، سندس پُٽ جي مدعيت ۾ واقعي جو ڪيس ڪلفٽن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته مقتول ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس جو ملازم هو، 26 آڪٽوبر تي گهران نڪتو هو. هو ڪجهه ڏينهن گهر واپس نه آيو ته گهر وارن سندس موبائيل جي لوڪيشن ڪڍرائي اُتي پهتا ته بند پيل فليٽ ۾ سندس لاش موجود هو، لاش ويجهو پستول، خالي خول ۽ ڇري به برآمد ٿي آهي. پوليس موجب مقتول کي گولي لڳل آهي، غني رحمان انهي فليٽ کي اوطاق طور استعمال ڪندو هو.