ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سياسي ،  سماجي ۽ مذهبي ڌرين او آءِ سي ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته  فلسطين ۾ جاري اسرائيلي دھشتگردي کي روڪي فلسطينين  کي کاڌ خوراڪ ۽ دوائن سميت ٻيون ضروري شيون پھچايون وڃن ـ ڪالهه هتي شاھراھ فيصل تي ايم ڪيو ايم پاران فلسطين سان يڪجھتي لاءَ ڪوٺايل ريلي کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته  اڄ انسانيت جي حق ۾ ۽ ظلم خلاف دنيا ۾ سڀ کان وڏو احتجاج ڪراچي ۾ ٿيو آھي، ڪراچي ۾ ھر ٻولي، ھر مذھب  ۽ ھر طبقي جا نمائندا احتجاج ۾ گڏ هئا، ڪراچي ھر محاذ تي ظلم خلاف وڙھڻ لاءِ تيار آھي،  اي اين پي سنڌ جي صدر شاھي سيد چيو ته فلسطين جيان ڪراچي ۾ به ظلم ٿي رھيو آھي، 15-20 سالن کان اهو ظلم جاري آھي،  ھتي پيئڻ لاءِ پاڻي ناھي،  ڦرون ، ڌاڙا  ۽ قتل ٿي رھيا آھن، اسان کي حقن لاءِ  متحد ٿيڻ گھرجي،  جي يو آءَ جي مرڪزي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو ته اسان وٽ اقتدار ناھي.  ڪاش اسين فلسطين پھچي سگھون ھا پر جيڪڏهن اتي  پھچي نٿا سگھون ته ڪراچي ۾ ويھي اسرائيل تي لعنت وجھون ٿا ـ جي ڊي جي اڳواڻ ناھيد عباسي چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي دھشتگردي خلاف مسلمانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، او آءِ سي  ۽ گڏيل قومون انھي طرف توجهه ڏين، تقريب کي سماجي اڳواڻ انصار برني،  سردار رحيم.  علامه ظفر نقوي،  اسد عٽماني ۽ ٻين خطاب ڪيو ـ