ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس ( ر ) مقبول باقر ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف وچ ۾ ملاقات، سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ تي اتفاق، ملاقات دورا نيول چيف چيو ته ڪراچي جي صنعتي گندگي سمنڊ ۾ وڃڻ سان گدلاڻ ٿي رهي آهي، پاڪستان نيوي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان گڏجي مائي ڪلاچي روڊ تي 60 ايم جي ڊي جو ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿي، انهي پلانٽ جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان ڪجهه معاملا آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي نگران وڏي وزير چيو ته مائي ڪلاچي روڊ جو معاملو عدالت ۾ آهي، انهي باوجود انهي رٿا تي غور ڪيو ويندو، ايس 3 پروجيڪٽ لاءِ فنڊ مختص ٿيل آهن. نيول چيف چيو ته شهيد بينظيرآباد جي نيول سليڪشن سينٽر سال 2010ع کان 20 آفيسرن ۽ 900 سيلرز ڀرتي ڪيا آهن، ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ پاڪستان نيوي کي ڏنو ويو هو، سنڌ سرڪار ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ته جيئن ڪيڊٽ ڪاليج شروع ڪيو وڃي، جنهن تي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي حوالي سان ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات دوران نيول چيف آگاهي ڏني ته چين سان گڏجي ڪراچي ۾ سائنو پاڪ ريفائنري لڳائي رهيا آهيون، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار جي ضرورت هوندي، نيول چيف چيو ته مهاڻن جون ٻيڙيون وڌڻ سبب ڪراچي فش هاربر اٿارٽي ننڍي ٿي وئي آهي، جنهن ۾ توسيع جي ضرورت آهي، جنهن تي نگران وڏي وزير نيول چيف کي خاطري ڪرائي ته فش هاربر اٿارٽي کي وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران قدم کنيو ويندو.