ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ مئل ڄاڻايل تازو ڄاول ٻار ماسي جي گهران بازياب، پوليس موجب آرام باغ واسڻ نمره تازي ڄاول ٻار کي مئل قرار ڏيڻ جو ڊرامو رچائي پنهنجي ڀيڻ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. سائوٿ پوليس موجب نمره ٻار کي جنم ڏيڻ بعد اهو ڀيڻ حوالي ڪري ساهرن کي ٻڌايوته مئل ٻار ڄائو هو، نمره پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي جنيد سان ملي ٻار جو جعلي ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ۽ قبر جي رسيد به تيار ڪرائي، پوليس موجب ٻار جي ڏاڏيءِ جي شڪايت تي ڪارروائي ڪري ٻار کي سندس ماسي جي گهران بازياب ڪرايو ويو. پوليس موجب نمره جو مڙس جيل ۾ آهي، نمره سمجهيو ته مڙس جيل ۾ هجڻ ڪري هو ٻار کي پالي نٿي سگهي، متان وري سس سندس ٻار کڻي نه وڃي، نمره جي ڀيڻ کي 3 ڌيئرون آهن، انهي ڪري هن پنهنجو ٻار ڀيڻ کي ڏئي ڇڏيو  نمره جي ڀيڻ ٻار حاصل ڪرڻ بعد پاڙي ۾ مٺائي ورهائي ۽ چيو ته مون کي پٽ ٿيو آهي، شڪايت ملڻ بعد پوليس جاچ ڪئي ته ٻار جي موت وارو معاملو ڊرامو آهي، سائوٿ پوليس موجب ڌرين ۾ ٺاهه پڻ ڪرايو ويو آهي.