ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه صنعتڪارن تي زور ڀريو آهي ته اهي سنڌ حڪومت جي ڪراچي شهر سميت صوبي جي ترقي ۾ مدد ڪن. سنڌ حڪومت صنعتڪارن سان پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، برک صنعتڪارن ايم اين اي مرزا اختيار بيگ، عقيل ڪريم ڊيڍي، عارف حبيب، زبير موتي والا تي ٻڌل وفد سان ڳالهائيندي هن چيو ته صنعتڪار صوبي جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا،  ملاقات ۾ عقيل ڪريم ڊيڍي چيو ته  حڪومت اسان کي  صنتعڪارن جي شراڪت وارين ترقياتي رٿائن بابت آگاھي ڏئي، وڏي وزير سِيڙپڪاري بابت خاص معاون قاسم نويد کي هدايت ڪئي ته هو صنعتڪارن سان رابطي ۾ رهي، ملاقات ۾ صنعتڪارن شاهراہ ڀٽو ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هنن شاهراهه ڀٽو کي ڪراچي لاءِ گيم چينجر قرار ڏنو، ملاقات ۾ طئه ڪيو ويو ته شاهراہ ڀٽو جي ٻنهي پاسي  ٻوٽا پوکيا ويندا. اجلاس ۾ ڪيترن ئي نون منصوبن تي پڻ بحث ڪيو ويو، اجلاس ۾  فيصلو ڪيو ويو ته نون منصوبن کي اسٽاڪ ايڪسچنج ۾ رجسٽرڊ ڪري فنڊز گڏ ڪيا ويندا. اجلاس ۾ بندرگاهه کان هيوي ٽريفڪ لاءِ مختلف سڌا رستا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.