ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث 2 جعلي پوليس اهلڪار گرفتار، ان ڏس ۾ ڪراچي ايسٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار بلاول خلجي ۽ سيد وقاص نجي ڊجيٽل سائيٽ جي ڊيٽا چوري ڪري ڪسٽمرز کي ڊليوري ڏيڻ لاءِ رابطا ڪندا هئا، ڪسٽمرن سان رابطن بعد جوابدار جعلي پوليس يونيفارم پهري انهن جي گهرن تي پهچي ڦر ۽ اغوا جون وارداتون ڪندا هئا، ٻنهي جوابدارن جي قبضي مان 30 بور جا 2 پستول، موبائل فونز، هڪ ايل اي ڊي ۽ ڦر ڪيل گهڙيون هٿ آيون، جوابدار جي استعمال هيٺ ايندڙ جعلي نمبر پليٽ واري گاڏي ۽ 3 پوليس يونيفارم هٿ آيا، جوابدارن گلشن اقبال جي هڪ گهر ۾ گهڙي 4 موبائل فونز, هڪ ايل اي ڊي، زيور، واچون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، انهن گهر ڌڻي کي اغوا ڪري اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرايا پوليس موجب ساڳين جوابدارن گلشن اقبال 13D ۾ گهر ڌڻي کي گاڏي ۾ ويهاري اي ٽي ايم ۽ ايزي پيسا دڪان تان پيسا ڪڍرايا.