ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شادي ڪاڄ دوران هوائي فائرنگ، شاگردياڻي قتل ، 3 جوابدار گرفتار، پوليس موجب نيوڪراچي جي سيڪٽر 11 ڊي ۾ شادي تقريب ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڇت تي بيٺل نينگري لائبه گولي لڳڻ سبب دم ڏنو، لائبه ڇت تي امتحانن جي تياري ڪري رهي هئي،کيس مٿي ۾ گولي لڳي. پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري هوائي فائرنگ ۾ ملوث ٽن جوابدارن جنيد، فيضان ۽ عبدالرحمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندن قبضي مان 2 پسٽل، هڪ رائفل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.