ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ شادي ڪاڄ ۾ آيل 2 معصوم ٻالڪ خوني گٽر ۾ ڪري پيا: هڪ فوت، گهر ۾ ڪهرام، گورنر نوٽيس ورتو. ان ڏس ۾ شاهه فيصل ڪالوني 2 نمبر ۾ شادي ڪاڄ ۾ آيل 2 ٻارڙا کليل گٽر ۾ ڪري پيا، جن مان هڪ ٻالڪ کي بچايو ويو، اطلاع تي ايڌي ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي ٻن ڪلاڪن بعد 5 سالن جي عبيد جو لاش گٽر مان ڪڍيو، ريسڪيو ذريعن موجب فوتي ٻالڪ مائٽن سان گڏ مامي جي شادي تقريب ۾ آيل هو، شادي هال ٻاهران گٽر جي مين هول ۾ ڪري پيو، لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، انهي واقعي سبب گهر ۾ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن فوتي ٻالڪ جي مائٽن ٻڌايو ته شادي هال ٻاهران کليل گٽر کي ڍڪڻ ڏنل نه هو، ڍڪڻ هجي ها ته عبيد حياتي نه وڃائي ها، ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري واقعي جو نوٽيس وٺي ميئر ڪراچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. گورنر چيو ته کليل مين هول خطرناڪ ٿي چڪا آهن، شهري مشڪلاتن جو شڪار آهن، جنهن تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب گورنر کي ٻڌايو ته کليل مين هولز تي ڍڪڻ لڳائڻ لاءِ ڪو ششون وٺي رهيا آهيون.
معصوم عبيد جو لاش 2 ڪلوميٽر پري ڪورنگي پل وٽان هٿ آيو
ڪراچي: شاهه فيصل ڪالوني ۾ واقع شادي هال ڀرسان کليل گٽر ۾ ڪريل معصوم عبيد جو لاش 2 ڪلوميٽر پري ڪورنگي پل وٽان هٿ آيو.
معصو م عبيد 2 ڀائرن ۽ امڙ سان گڏ شادي هال پهتو هو
ڪراچي: معصو م عبيد پنهنجن 2 ڀائرن ۽ امڙ سان گڏ شادي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ شادي هال پهتو هو، عبيد ٻين ٻاران سان گڏ شادي هال کان ٻاهر نڪري راند کيڏندي کليل گٽر ۾ ڪري پيو.