ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سٽي ڪورٽس ۾ سيڪيورٽي، حددخلين ۽ ٽريفڪ مسئلن بابت رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون ويون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ سٽي ڪورٽس ۾ سيڪيورٽي مسئلن ۽ سهولتن جي فقدان خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي سٽي عارف عزيز پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪندي چيو  ويو آهي ته سٽي ڪورٽس جي چوڌاري  4 سئو کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ناڪاره بڻيل آهن، سٽي ڪورٽس جا واڪ ٿرو گيٽ به ناڪارا بڻيل آهي، ڀهتر انتظام نه هئڻ سبب دهشتگردي جو وڏو واقعو پيش اچي سگهي ٿو، سٽي ڪورٽس اندر پينو فقير وڏي انگ ۾ موجود رهن ٿا، ڪورٽ جي اندر ۽ چوڌاري حد دخلين جو آزار به وڌي ويو آهي، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪي ايم سي، رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان حد دخلين جي خاتمي لاءِ تيار آهيون، جسٽس آغا فيصل وڪيل اختر حسين سان مخاطب ٿيندي چيو ته رپورٽس جو جائزو پهرين وٺو، بعد ۾ عدالت حڪم نامو جاري ڪندي، درخواست گذار وڪيل ضياء اعواڻ چيو ته سيڪيورٽي مسئلن بابت پوليس جي رپورٽ ڳڻتي جوڳي آهي، سيشن ججن جي رپورٽ مطابق ججن جي ويهڻ لاءِ فرنيچر به موجود ناهي، ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي رجسٽرار جي فوڪل پرسن پاران اڌوري رپورٽ پيش ڪرڻ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت چيو ته اسانجو پنهنجو ادارو آهي ۽ اداري جو فعال نه هجڻ مايوسي ۽ شرمندگي جو سبب آهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي سمورين رپورٽن جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪري ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرا ۽ ٻين کان 13 جون تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.