ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نادرن باءِ پاس ويجهو سي ٽي ڊي جي موبائيل تي ڪريڪر حملو، پوليس موجب سي ٽي ڊي جي موبائيل آپريشن ڊيوٽي کان واپس اچي رهي هئي ته ڪريڪر سان حملو ڪيو ويو، ڪريڪر پوليس موبائيل سان ٽڪرائجي پري وڃي ڪريو، جنهن سبب پوليس موبائيل کي گهڻو نقصان نه پهتو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ پاران شاهديون گڏ ڪيون ويون.