ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سول اسپتال ۾ ايڊز ۾ مبتلا 3 کدڙن فقيرن مونيڪا، نڪويري ۽ مائي جان  جو علاج نه  ٿيڻ تان صحت واري سيڪريٽري ۽ ڪراچي سول اسپتال جي ايم ايس کي 7 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه شهزادي راءِ ۽  حنا بلوچ پاران داخل پٽيشن تي سندن وڪيل ساره ملڪاڻي عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا 3 کدڙا فقير مونيڪا، نڪويري ۽ مائي جان ايڊز ۾ مبتلا آھن، کين علاج جي سخت ضرورت آهي، سول اسپتال جي انتظاميا ايڊز جي مريضن جو علاج نه ڪري رهي آهي، کدڙن فقيرن سميت سمورن مريضن کي واپس موٽايو پيو وڃي، عدالت صحت واري سيڪريٽري ۽ سول اسپتال جي ايم ايس کي 7 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.