ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ گورنمينٽ اسپتال نارٿ ناظم آباد جي ملازمن 5 مهينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري مُک گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو،  جنهن سبب مريض رلي ويا، ويڪسينيشن لاءِ ايندڙ ماڻهو به واپس موٽي ويا، احتجاج  ڪندڙ ملازم اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسانکي 5 مهينن کان پگھارون نه ملڻ ڪري 390 ملازم فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا صحت کاتي جي اختيارين کي پگھارن لاءِ چيو آهي پر رڳو خاطريون ڪرايون وينديون آهن، جنهن ڪري مجبور ٿي بائڪاٽ وارو قدم کنيو آهي. هنن چيو ته جيستائين پگھارون نه ڏنيون وينديون، اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.