اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ٽن مهينن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيپرا اٿارٽي وفاقي حڪومت جي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي درخواست تي پنهنجو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 3 مهينن لاءِ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. قيمت ۾ گهٽتائي ڪي اليڪٽرڪ سميت ملڪ جي سڀني صارفين تي لاڳو ٿيندي. نيپرا مطابق صارفين کي اپريل، مئي ۽ جون جي بلن ۾ 58 ارب رپين جو رليف ملندو.