اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي جي وفاقي  وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي جو سنگ بنياد سيپٽمبر 2021ع ۾ رکيو ويندو، جنهن لاءِ ضروري انتظامن کي يقيني بڻايو ويندو، منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، اهڙو اظهار ڪالهه هن ان حوالي سان ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي منصوبي ذريعي ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽرينن جو استعمال ڪندي عالمي معيار جو نظام تعمير ڪيو ويندو.