ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصابي ڪتابن جي فراهمي جي چڪاس لاءِ جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر آصف عباسي برگيڊ ٿاڻي حد ۾ واقع علامه اقبال، جيڪب لائين، جٽ لائين ۽ خداداد ڪالوني جي 8 اسڪولن جو دورو ڪيو, انهن اسڪولن ۾ صرف 10 سيڪڙو شاگردن کي سرڪاري ڪتاب ملڻ جو انڪشاف ٿيو،جوڊيشل ميجسٽريٽ ڪتابن جي فراهمي بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي،جيڪا سيشن جج ڏانهن اماڻي ويندي