ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ زال کي قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو ڪندڙ جوابدارحسان بن مدني  جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد پوليس جوابدار کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پيش ڪيل ثبوتن جي روشني ۾ جوابدار پنهنجي زال کي قتل ڪيو آهي، عدالت ۾ جبران ناصر ايڊووڪيٽ ميڊيڪل رپورٽ ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪندي چيو ته جوابدار پنهنجي زال حفظه کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو، بعد ۾ جوابدار لاش کي پکي ۾ لٽڪائي خودڪشي جو ڊرامو رچايو، پوليس موجب جوابدار خلاف گلشن اقبال ٿاڻي تي  ڪيس داخل  ٿيل آهي،