ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ زال پنهنجي چاهيندڙ سوني سان گڏجي مڙس محمد شاهد کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، زال دينا گرفتار، پوليس پاران چاهيندڙ سوني جي ڳولا جاري. پوليس موجب ڪورنگي جي محمد علي ڪالوني ۾ مقتول محمد شاهد کي سندس زال دينا پنهنجي چاهيندڙ سان گڏجي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار دينا مڙس شاهد جو لاش پلنگ هيٺيان لڪائي رت هڻي ڇري به صاف ڪري رکي ڇڏي، پوليس موجب جوابدار دينا کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس چاهيندڙ هن وقت تائين فرار آهي، پوليس موجب دينا جو چاهيندڙ سوني منشيات جو به عادي آهي