ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم سي ڪراچي ۾ روڊن، گھٽين ۽ ڪاروباري هنڌن تي گاڏيون ڌوئڻ لاءِ واٽر بورڊ جي واٽر سپلا لائين جو پاڻي استعمال ڪرڻ تي 10هزار ڏنڊ لاڳو ڪرڻ واري قرارداد منظور ڪري ورتي، ڪالهه  ڪائونسل اجلاس ۾ ميئر پاڻي ضايع ڪرڻ تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لڳائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته يوسي چيئرمين جي شڪايت تي اهو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو،  ڏنڊ واري رقم پڻ لاڳاپيل يوسي تي ئي خرچ ڪئي ويندي. ان موقعي تي پ پ ميمبر نجمي عالم چيو ته 2 تلوار واري علاائقي ۾ لائين واري پاڻي مان گاڏيون ڌوئڻ وارو ڪم هلي ٿو، ان موقعي تي اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊوڪيٽ چيو ته شهر ۾ اڄ به پاڻي ناهي، جڏهن ته ميئر وري 2050ع جو پلان جوڙي رهيو آهي، هن چيو ته ڪي فور منصوبي جي لاڳت  20 ارب کان 200 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ منصوبي تحت شهر ۾ پاڻي جون لائينون ٽوڙيون پيون وڃن، هاڻي ائين ٿيو ته اسان احتجاج ڪندي روڊن تي نڪرنداسين. جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايندڙ هفتي ڪي ايم سي ڪائونسل جو اجلاس صرف پاڻي تي ٿيندو.