ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ راشن جي ورڇ دوران ڀاڄ: عورت فوت: 5 زخمي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي ڪياماڙي فيضان علي ٻڌايو ته بلديه 19 ڊي جي رانگڙ محلي ۾ پيپلزپارٽي جي مقامي وائيس چيئرمين پاران راشن ورهايو پي ويو، مستحق عورتن کي اڳواٽ ئي ٽوڪن جاري ڪيا ويا هئا، ڪجهه عورتن هجوم جي صورت ۾ پارڪ اندر زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڀاڄ پئجي وئي جنهن دوران هڪ عورت دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه عورتون معمولي زخمي ٿي پيون، هن چيو ته راشن ورهائڻ لاءِ ٿاڻي تي درخواست جمع ٿيل آهي، واقعي واري هنڌ پوليس جي نفري به موجود هئي، فوتڻ جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي