ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  ۾ خوني ڪوچ  پيپر ڏيڻ ويندڙ فرسٽ ايئر جي شاگرد ۽ سندس والد کي چيڀاٽي ڇڏيو، پوليس موجب پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ اورنگي ٽائون نمبر15 ۾ تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار پيءُ پُٽ سخت زخمي ٿي پيا، جن اسپتال ۾ دم ڏنو فوتين جي سڃاڻپ 17  سالن جي منصور ۽ 37 سالن جي عرفان طور ٿي، فوتي منگهوپير جا رهائشي هئا. شروعاتي جاچ موجب پيءُ پنهنجي پُٽ کي امتحان ڏيڻ لاءِ ڪاليج ڇڏڻ پي ويو ته حادثو پيش آيو، واقعي کانپوءِ ڪوچ ڊرائيور گاڏيءَ سوڌو فرار ٿي ويو، فوتي پي  پٽ جو اصل تعلق گلگت سان هو .