ڪراچي: حريم شاهه جي وطن واپسي تي گرفتاري روڪڻ جي درخواست رد

0
191
ڪراچي: حريم شاهه جي

ڪراچي: حريم شاهه جي وطن واپسي تي گرفتاري روڪڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ  مشھور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي پاڪستان واپسي تي گرفتاري روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آھي

حريم شاهه جي پاڪستان واپسي تي گرفتاري روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته حريم شاهه  چاھي تھ پاڪستان واپس پھچي گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي

جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ به حريم شاهه کي تحفظ ڏنو هو پر درخواستگذار حريم شاهه عدالتي حڪم جو غلط فائدو ورتو

جسٽس ڪي ڪي آغا وڌيڪ چيو ته هي اها ئي عورت آهي جنهن رقم جو انڪشاف ڪيو ۽ مني لانڊرنگ جي دعويٰ ڪئي؟ عدالت سان راند کيڏڻ بند ڪريو

 عدالت چيو تھ ايف آءِ اي کي جاچ کان نٿو روڪي سگھجي

ھي به پڙھندا

حريم شاھ وٽ موجود رقم کي پنھنجي چوندڙ شخص جو تعلق ڪھڙي جماعت سان آھي؟

فاروق ستار سان ملاقات اتفاقي نه ھئي، ھُن جي گھرائڻ تي ڪراچي آيس: حريم شاھ