ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن بعد نوان ٽريفڪ ۽ روڊ سيفٽي قانون لاڳو، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ ٽريفڪ حادثا روڪڻ لاءِ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ ڪرايو ويندو، فيصلي موجب ڊمپرن، ٽينڪرن، ٽرالرن موٽر سائيڪلن ۽ چنگچي رڪشائن تي نوان ضابطو لاڳو ٿيندا، روڊن تي پاڻي هاريندڙ واٽر ٽينڪرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، موٽر سائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ لازمي هوندو، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته موٽر سائيڪلن تي چين اسپاڪٽ تي چين ڪور لڳائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته هيڊ لائيٽ، ٽيل لائيٽ، هيزرڊ لائيٽ ۽ انڊيڪيٽر صحيح حالت ۾ هجڻ گهرجن، موٽر سائيڪل جي ٻنهي پاسن تي رجسٽريشن پليٽون لڳايون وڃن، موٽر سائيڪل سوارن لاءِ ريئر ويو مرر ( شيشو ) جو استعمال لازمي هوندو، کين ڊرائيونگ لائسنس پاڻ سان رکڻو پوندو. موٽر سائيڪل هلائيندڙن لاءِ لين جي پابندي لازمي هوندي، کين روڊ جي کاٻي پاسي هلڻو پوندو، وچ يا ساڄي پاسي اچڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. وڏين گاڏين لاءِ جي پي ايس ٽريڪر، ڊيش ڪيم، ريئر ويو ڪيم ۽ ڪيبن ڪيم لڳائڻ به لازمي هوندو ته جيئن حادثن جي صورت ۾ ثبوت محفوظ ڪري سگهجن، ڊرائيورن جي روين جي نگراني ممڪن بڻائي سگهجي. آئل ٽينڪرن کي بفر پليٽ لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو، جديد ٽريفڪ مانيٽرنگ سسٽم تحت آٽوميٽڪ نمبر پليٽ ريڪگنيشن ڪيميرائون لڳايون پيون وڃن، جيڪي ريڊ سگنل ٽوڙڻ، اسٽاپ لائين کان اڳتي وڃڻ ۽ تيز رفتاري کي مانيٽر ڪنديون، جڏهن ته غلط لين ۾ هلندڙ گاڏين جي نشاندهي ٿيندي. اجلاس ۾ ٽريفڪ قانون جي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 2500 رپين جو واڌو ڏنڊ پوندو.اجلاس ۾ چنگچي رڪشائن ( 6يا 8 سيٽر رڪشائن مٿان شهر جي 5 اهم روڊن آءِ آءِ چندريگر روڊ (شاهين ڪامپليڪس کان ٽاور تائين)، شاهراهه فيصل (آواري هوٽل کان اسٽار گيٽ تائين)، خليق الزمان روڊ (لِلِي سگنل کان سب ميرين انڊر پاس تائين)، سر شاهه سليمان روڊ (لياقت آباد 10 نمبر کان اسٽيڊيم تائين) ۽ راشد منهاس روڊ (ڊرگ روڊ کان سهراب ڳوٺ تائين)تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .