ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد شروع،  ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ ايس پي جاچ مقرر. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل محمد معروف عثمان کي ايس پي انويسٽيگيشن اوڀر ون، محمد قيس خان کي اي ڊي آءِ جي (ايڊمن) ڪراچي رينج، سعد ارشد کي ايس پي انويسٽيگيشن اولھه ۽ تنوير الحسن کي ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي، اھڙي طرح لائين ۾ ويٺل حفيظ الرحمان کي ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل، زاهده پروين کي ايس پي انويسٽيگيشن ملير، توحيد رحمان ميمڻ کي ايس پي انويسٽيگيشن ڪورنگي ۽ ڪامران خان کي اي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڪراچي رينج مقرر ڪيو ويو آھي،